رسول بخش خان ڀٽو

رسول بخش خان ڀٽو

رسول بخش خان ڀٽو

رسول بخش خان ڀٽو: رسول بخش خان، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين گهر واريءَ بيگم شيرين امير ڀٽو جو رشتي ۾ ڏاڏو هو. سندس اصل ڳوٺ ميرپور ڀٽو هو، پر نئين ديري ۾ گهڻو وقت گذاريائين. پير علي محمد شاهه راشدي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته ”سنڌ جي اميرن جو شان ڪنهن کي ڏسڻو هوندو هو ته نئين ديري ۾ وڃي مرحوم رئيس رسول بخش خان ڀٽي جو ديدار ڪري ايندو هو.“
هي خانداني جاگيردار هئڻ جي باوجود درويش صفت انسان هو. هن لاءِ سندس تر/ علائقي ۾ اها چوڻي عام هوندي هئي ته ”رسول بخش خان جي ڪاوڙ ڪکن جي باهه مثل آهي، گهڙي کن جو شعلو، ان کان پوءِ رڳو خاڪ“ رسول بخش خان شڪار جو تمام گهڻو شوقين هوندو هو.


لفظ رسول بخش خان ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو